سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيزهوا سان برسات تباهي مچائي ڇڏي،مختلف واقعن ۾ 11 ڄڻا فوت

ڪراچي :سنڌ جِي راڄڌاني ڪراچي کي تيز برساتن ٻيهر ٻوڙَي ڇڏيو، سرجاڻي ٽائون ۾ رستن ۽ گهٽين ۾ ٻوڏ جهڙا منظر نظر اچڻ لڳا ، نيو ڪراچي، نارٿ ڪراچي ۽ نارٿ ناظم آباد ۾ روڊ رستا ٻڏي ويا، شهر جَي هيٺانهن علائقن ۾ برساتي پاڻي گهر ۾ داخل ٿي ويو، اورنگي ٽائون جِي علي ڳڙهه مارڪيٽ به پاڻي هيٺ اچي وئيويو، ميمڻ ڳوٺ ۾ وڄ ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، گجر نالي ۾ 5 ڄڻا ٻڏي ويا، ٽن ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا، ٻن جِي ڳولا جاري آهي، لياري ندي ۾ به نينگر ٻڏي فوت ٿي ويو، سرجاڻي ٽائون ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات 170 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، نيو ڪراچي ۾ 88، ناظم آباد ۾ 86، گلشنِ حديد ۾ 77 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. سنڌ جي ٻين علائقن ۾ تيز هوا سان برسات تباهي مچائي ڇڏي، وڄ ڪرڻ جَي واقعن ۾ پيءُ پٽ سميت 7 ڄڻا فوت، ڇاڇرو ويجهو نينگر سميت 2 ڄڻا ۽ مٺي ويجهو وڄ ڪرڻ سبب پيءُ پٽ حياتي وڃائي ويٺا، کپرو ۾ وڄ ڪرڻ سبب 2 ڄڻا عرس ڀيو ۽ رحمت الله هڱورو فوت، ميرپور ساڪرو ۾ وڄ ڪرڻ جَي نتيجي ۾ هڪ عورت حياتي وڃائي ويٺِي، حيدرآباد، ٺٽو، نوابشاهه، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، سانگهڙ، بدين، مٽياري، نوشهروفيروز ضلعن جَي ڪيترن ئي هنڌن تي وسڪارو، ڪجهه هنڌن تي تيز هوا سان برسات دوران وڻ پاڙان پٽجي ويا، ڪيترن ئي گهرن جون ڇتيون اُڏامي ويون، بجلي ۽ مواصلاتي نظام درهم برهم، موسميات کاتي پاران سنڌ ۾ سومر تائين وقفي وقفي سان برسات جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔