ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيز ۽ هلڪي برسات،موسم خوشگوار

ڪراچي : ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيز ۽ هلڪي برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي، ڏاهلي ۾ تيز برسات وڄ ڪرڻ سبب 5 ورهين اسما راهمون ۽ تارو ڀيل فوت ٿي ويو، مٺي ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات کانپوءِ رستن ۽ گهٽين ۾ پاڻي بيهجي ويو، ڪراچي جي ملير، لانڍي، قائد آباد، ڀينس ڪالوني ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڦُڙڦُڙ، ٺٽو، ڌاٻيجي، گهارو، ٽنڊو باگو، ميرپور ساڪرو ۽ ڀرپاسي تيز هوا سان برسات پئي آهي ، ٽنڊو باگو، شيخ ڀرڪيو، پڊ عيدن، ٺارو شاهه، سيٺارجي، کپرو، هالاڻي ۽ ڀرپاسي برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو، موسميات کاتي طرفان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سومر تائين وقفي وقفي سان برسات جاري رهڻ جي اڳڪٿي. ڪئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔