لاهور ۾ برسات کانپوءِ تباهڪاري تي پي ٽي آءِ حڪومت جي خاموشي ٻٽي معيار جو ثبوت آهي:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي :هاڻي لاهور جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وفاق ۽ صوبائي حڪومت جي ڪميٽي ٺهڻ گهرجي، لاهور ۾ برسات کانپوءِ تباهڪاري تي پي ٽي آءِ حڪومت جي خاموشي ٻٽي معيار جو ثبوت آهي، سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙو معيار هجڻ گهرجي، سنڌ حڪومت جو ترجمان ڪميٽي ذريعي ڪراچي جي انتظامي اختيارن ۾ وفاق کي ڀائيواري ڏيڻ بابت سوال تي جواب گول ڪري ويو، مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ حڪومت عوام جي مفادن لاءِ آئين ۽ قانون تحت فيصلا ڪندي، تجربن سان مسئلا حل ٿين ها ته هيل تائين ڪراچي جا مسئلا حل ٿي چڪا هجن ها، ڪراچي ۾ ڪچرو هٽائڻ جي ذميواري ڊي ايم سي جي آهي ۽ ڊي ايم سي متحده وٽ آهي، متحده پاڪستان جي انتظاميا ڪچرو کڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، سياسي مفادن ۽ مڪاني چونڊن جي مقصد لاءِ نوان ضلعا ٺاهڻ واري تاثر کي رد ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي کي ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙن لاڙڪاڻو، دادو، حيدرآباد ۽ ٽنڊو محمد خان کي ٽوڙي نوان ضلعا ٺاهيا هئا،پ پ حڪومت عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ نوان ضلعا ٺاهي رهي آهي، ڪامياڙي ضلعو ٺهڻ تي عوام جشن ڪيو آهي، خيرپور کي ٽوڙي نئون ضلعو ٺاهڻ جو اڃا فيصلو ناهي ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔