فرانس ۾ شهري پنهنجي پاڙيسري خلاف سندس ڪڪڙ مارڻ جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

پيرس: هڪ فرانسيسي شهري پنهنجي پاڙيسري خلاف سندس ڪڪڙ کي مارڻ جو ڪيس داخل ڪرايو آهي.
غيرملڪي خبررساں ايجنسي جي هڪ رپورٽ مطابق ڪڪڙ کي مارڻ جو هي منفرد واقعو يورپي ملڪ فرانس جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع هڪ ڳوٺ ۾ پيش آيو ، جتي هڪ پاڙيسري ڪڪڙ جي ٻانگ مان تنگ اچي کيس گوليون هڻي ماري ڇڏيو.
مالڪ پنهنجي ڪڪڙ جي موت کي ڏسي حيران ٿي ويو ۽ پنهنجي پاڙيسري کي سزا ڏيڻ لاءِ 74،500 ماڻهن کان هڪ درخواست تي صحيحون ورتيون..
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن مطابق ، ڪڪڙ کي انصاف ڏيڻ لاءِ عدالتي ڪارروائي هن سال ڊسمبر ۾ ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔