پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد نشانِ حيدر جو 49 هون شهادت جو ڏهاڙو

راولپنڊي : پائيلٽ آفيسر شهيد راشد منهاس نشان حيدر جو اڄ 49هون شهادت جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، شهيد پنهنجي جان جي بازي لڳائي دشمن کي پنهنجي ناپاڪا ارادن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر شهيد راشد منهاس کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي .

فيبروري 1951 ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيڻ وارو عظيم سپوت راشد منهاس گهٽ عمر هوندي وڏي ڪارنامي ڪرڻ سبب پاڻ کي امر ڪري ويو .

راشد منهاس شهيد نشان حيدر 1968 ع ۾ پاڪستان ائير فورس اڪيڊمي ۾ شموليت حاصل ڪئي ۽ ٽن سالن جي لاڳيتي محنت سان جي ڊي پائلٽ طور وطن جي خدمت شروع ڪئي .

20 آگسٽ 1971 تي تربيتي جهاز کڻي رن وي تي پهتو ته انسٽرڪٽر بيهڻ جو اشارو ڪيو ، راشد منهاس جو خيال هو ته انسٽرڪٽر کيس ڪا اهم ڄاڻ ڏئي رهيو آهي پر انسٽرڪٽر جهاز ۾ زبردستي اندر هليو ويو ۽ جهاز کي ڀارت ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي .

راشد منهاس دشمن جي روپ ۾ انسٽرڪٽر جي هڪ به هلڻ نه ڏني ۽ جهاز زمين تي ئي ڪيرائي ڇڏيو ، راشد منهاس  جي جرات ۽ بهادري جي اعتراف ۾ حڪومت کيس نهايت گهٽ عمر ۾ ئي نشانِ حيدر عطا ڪيو .

ان موقعي تي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن اسان کي فرض جي ادائيگي ۾ جان جو نذرانو پيش ڪندڙ پائيلٽ آفيسر شهيد راشد منهاس جي عظيم قرباني جي ياد ڏياري ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔