ڊيموڪريٽس باضابطه طور جوبائيڊن کي صدارتي اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: ڊيموڪريٽس پارٽي پاران جوبائيڊن کي باضابطه طور صدارتي نامزد مقرر ڪري ڇڏيو. ڊيموڪريٽڪ پاران نيشنل ڪنوينشن ۾ منظوري ڏني وئي آهي. نومبر ۾ صدر ٽرمپ سان آمريڪي صدارت جي لاءِ هو مقابلو ڪندو. اڳوڻي صدر بل ڪلنٽن ۽ جمي ڪارٽر به جوبائيڊن جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. بل ڪلنٽن چيو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ اوول آفيس ۾ افراتفري پيدا ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن ريپلڪنز جي اڳوڻي پرڏيهي وزير ڪولن پائول به ڊيموڪريٽڪ اميدوار جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. اڳوڻي نائب صدر جوبائيڊن نومبر ۾ صدر ٽرمپ سان آمريڪي صدارت جي لاءِ مقابلو ڪندو. رياست ايري زونا ۾ صدر ٽرمپ هڪ دفعو ٻيهر ڊيموڪريٽڪ اميدوار کي تنقيد جو نشانو بنائنيدي چيو آهي ته جوبائيڊن چين سان مقابلو نٿو ڪري سگهي ڇو ته هو خوبصورت ۽ سياڻو نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔