سنڌ سرڪار سان ڪراچي جي 6 اهم مسئلن تي اتفاق ٿيو آهي: اسد عمر

اسلام آباد : وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سنڌ سرڪار سان گڏجي ڪراچي جا 6 اهم مسئلا حل ڪرڻ جِي ڪوشش ڪنداسين. اسد عمر چيو ته سنڌ سرڪار سان اختلافن باوجود سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي رهيا آهيون. هن چيو ته ڪراچي ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي، گندي پاڻي جو نيڪال، حد دخليون، گند ڪچرو ۽ ٽرانسپورٽ وارن مسئلن تي ڪم ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته ڪجهه منصوبن جِي قيادت وفاق ۽ ڪجهه رٿائن جِي سنڌ سرڪار قيادت ڪندي، ڇنڇر تي ڪراچي ۾ ٻيهر گڏجاڻي ٿيندي. اسد عمر چيو ته وزيراعظم جو ڪراچي جَي شهرين سان جذبات جو رشتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔