اسلام آباد ۾ حڪومتي وزيرن پاران پريس ڪانفرنس ۾ ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي رپورٽ پيش

اسلام آباد:انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته جمهوريت جي لاءِ جبري گمشدگي وارو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي ڇو ته ڪنهن جمهوريت ۾ توهان جبري گمشدگيون نٿا ڪري سگهو.

اسلام آباد ۾ حڪومتي وزيرن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پنهنجي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي رپورٽ پيش ڪئي.

اسلام آباد ۾ مختلف وفاقي وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران شبلي فراز چيو ته سٺيون خبرون مخالف ڌر لاءِ خراب خبرون آهن، مخالف ڌر ملڪ ۾ افراتفري ۽ نااميدي پکيڙي رهي آهي، وزير اعظم چيو ته مافياز کي نه ڇڏينداسين، اسان مافياز جي نمائندگي ڪندڙن کي به نه ڇڏينداسين، اميد ڪيون ٿا ته عوام اسان سان گڏ آهي، ملڪ ترقي جي رستي تي هلي پيو آهي، ايندڙ دور خوشحالي جو آهي، قوم کي خبر جو ثمر ملڻ وارو آهي.

مراد سعيد:

مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته اسان ڪوشش ڪئي آهي ته اصولن جي موجب پنهنجا فرض نڀايون، اسان احتساب، شفافيت، خود احتيابي ۽ ميرٽ جي لاءِ ڪوشان آهيون، شفافيت اسان جو بنيادي اصول آهي، پهريون ڀيرو ڪا حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي عوام جي سامهون پيش ڪري رهي آهي.

مراد سعيد چيو ته اسان وزير اعظم جي ڪفايت شعاري مهم ۾ حصو ورتو، ڪفايت شعاري مهم ۾ 750 ملين رپين جي بچت ڪئي، اسان آڊٽ جي ذريعي 12 ارب56 ڪروڙ رپين جي ريڪوري ڪئي، مواصلات واري وزارت پهريون ڀيرو اي بلنگ جو آغاز ڪيو،ا اسان روڊ بڻايا ۽ 48.2 سيڪڙو واڌو ڪم ڪيو، اين ايڇ اي جو روينيو 53 ارب کان وڌائي 103 ارب تي هليو ويو. هلندڙ اسان جي 8 منصوبن تي ڪم شروع ٿيندو، خيبرپختونخواهه جي سمورن روڊن تي 1122 ۽ مني آپريشن ٿيٽر ميسر هوندو.

فواد چوڌري:

سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي وزارت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان چيو ته پي ٽي آءِ احتساب واري نظريي تي آئي هئي، پي ٽي آءِ حڪومت کي پهرين چيو ويندو هو ته کائيندو ٿو ته لڳائي به ٿو، اسان جي حڪومت ان نظريي کي تبديل ڪري ڇڏيو، اسان جي ڪاميابي آهي ته نه اسان کائڻ ٿا ڏيون نه کائون ٿا، وفاقي ڪابينا جي ڪنهن وزير جي دامن تي ڪو به داڳ ناهي.

فواد چوڌري چيو ته گذريل دورن ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي بجيٽ انتهائي گهٽ هئي، اسان جي ڪوشش آهي ته سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزارت کي اپلائيڊ سائنس ڏانهن کڻي اچون، 26 فيبروري تي پاڪستان ۾ ڪورونا جو پهريون ڪيس آيو، هن وقت اسان ان حوالي سان پاڪستان ۾ ڪجهه نه پئي بڻايو، مارچ جي پهرين هفتي ۾ سيني ٽائزر جي کوٽ ٿي وئي هئي، اسان دفاعي پيداواري ادارن سان گڏجي سيني ٽائزر ٺاهڻ شروع ڪيا، اڄ پاڪستان دنيا ۾ پ پ ايز جو وڏو ايڪسپورٽر آهي، هن سال اسان پاڪستان ۾ پنهنجا وينٽيلر ٺاهيا، اڄ اسان ماهوار 700 وينٽي ليٽرز ٺاهڻ جي قوت رکون ٿا، جلدي ئي اسان وينٽيليٽرز به ايڪسپورٽ ڪنداسين. سرجيڪل شين جي ايڪسپورٽ وڌائڻ جو ٽارگيٽ آهي. هن سال 2 ڊرون ايگريڪلچر منصوبا شروع ٿي رهيا آهن.

فهميده مرزا:

بين الصوبائي رابطن واري صوبائي وزير فهميده مرزا چيو ته ارڙهين ترميم کان پوءِ گڏيل مفادن واري ڪونسل اهم فورم آهي، بين الصوبائي رابطن واري وزارت سي سي آءِ کي سيڪريٽري فراهم ڪندي آهي، پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، نون منصوبن ۾ راندين جون سهولتون شامل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون.

عمر ايوب:

وفاقي وزير عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت کي شروع ۾ معيشت ۽ توانائي جا چيلينج پيش هئا، متبادل توانائي جي ذريعن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، سستي بلي جي لاءِ پن بجلي جي ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، آءِ پي پيز سان گڏجي ڊگهين ڳالهين کان پوءِ معاهدي تي اتفاق ٿيو، بجلي جي پهچ واري نظام جي بهتري لاءِ به بندوبست جاري آهن، اسان لائن لاسز ۾ 1.4 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي، ڊسٽري بيوشن ڪمپنين ۾ 10 هزار روزگار جا موقعا پيدا ڪري رهيا آهيون.

شيرين مزاري:

انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته اسان جا مختلف بل ڪجهه جاين تي گڏ ٿيا آهن، تشدد وارو بل قانون واري وزارت ڏسي رهي آهي، عيسائين سان شادي ۽ طلاق وارو بل به شامل آهي ۽ پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿيندو آهي جيڪي اقليتن کي انهن جي ذاتي حقن جي اجازت ڏئي ٿو.

سندس چوڻ هو ته عيسائين سان شادي وارو بل به ٽنگيل آهي ڇو ته پاڪستان ۾ عيسائين جا گهڻا ئي فرقا آهن ۽ هڪ فرقي چيو آهي ته اسان مطمئن ناهيون ان ڪري ان تي ڳالهيون هلن پيون.

سندس چوڻ هو ته اسان جي گهريلو تشدد جو بل انساني حقن واري اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾ آهي، اميد آهي ته گذريل سال جيڪو التوا ٿيو هو اُهو هاڻ نه ٿيندو ۽ هي جلد ئي نڪري ويندو، سينيئر سٽيزن بل هڪ سال ۾ هيومن رائٽس ڪميٽي ۾ ٽنگيل آهي.

هن کنڀي گم ڪيلن جي حوالي سان خاص طور ڳالهائيندي چيو ته اِهو مسئلو جمهوريت جي لاءِ حل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، جبري گمشدگين وارو بل قانون واري وزارت ڏسي رهي آهي، سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن.

وفاقي وزير چيو ته توهان وزير اعظم بڻجڻ کان پهرين وارا به عمران خان جا بيان ڏسو ته هنن جبري گمشدگي تي سخت موقف اختيار ڪيل آهي ڇو ته ڪنهن جمهوريت ۾ توهان جبري گمشدگي نٿا ڪري سگهون.

هن چيو ته صحافين جي تحفظ لاءِ جرنلسٽ پروٽيڪشن بل تي اسان جي شبلي صاحب سان ڳالهيون ٿيون آهن ۽ هن چيو ته ان کي جلد عمل جو حصو بڻائينداسين ڇو ته اسان جي بل ۾ اسان سموري صحافي برادري سان ڳالهيون ڪيون هيون.

شيرين مزاري موجب سڄي ملڪ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي نگراني ڪندا آهيون، اسان وٽ 6 هزار کان وڌيڪ ڪيس آيل آهن جن کي اسان حل ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔