سنڌ جي منصوبن لاءِ وفاق ۽ سنڌ سرڪار وچ ۾ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد : سنڌ جي منصوبن لاءِ وفاق ۽ سنڌ سرڪار جي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، ڪميٽي ۾ وڏو زوير مراد علي شاهه، صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ سعيد غني شامل آهن، ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ۾ وفاقي وزير علي زيدي ۽ امين الحق کي شامل ڪيو ويو آهي، اسلام آباد جي اوچتي دوري تي پهتل وڏي وزير مراد علي شاهه جي وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ٿي، صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ سعيد غني به موجود هئا، ملاقات ۾ ڪراچي جي مسئلن سوڌو ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، وڏو وزير مراد علي شاهه خصوصي جهاز ذريعي ڪراچي کان اسلام آباد پهتو، ملاقات ۾ سنڌ جي منصوبن لاءِ ڪو آرڊينيشن ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔