خانگي اسڪول 15 آگسٽ کان نه کلندا: ڊي جي پرائيويٽ اسڪولز

ڪراچي: ڊي جي پرائيويٽ اسڪولز چيو آهي ته 15 آگسٽ کان خانگي تعليمي ادارا نه کوليا ويندا .

تفصيل موجب ڊي جي پرائيويٽ اسڪولز ،منصوب صديقي مختلف خانگي ادارن جي دعون ۽ اعلانن کي رد ڪري ڇڏيو

منسوب صديقي چيو ته والدين پنهنجي ٻارن کي اسڪول موڪلڻ کان پاسو ڪن ،حڪومت جي اعلان کانپوءِ تعليمي ادارا کوليا ويندا

ڊي جي پرائيويٽ اسڪولز چيو ته خلاف ورزي ڪرڻ وارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي

هن چيو ته اسڪولن کان آگاهه ڪيو آهي ته والدين کي ڪورس ۽ ٻين شين لاءِ پابند نه ڪيو وڃي ،منسوب صديقي موجب والدين پنهنجي سهولت موجب جتان چاهين شيون خريد ڪري سگهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔