نيب پنجاب جي وڏي وزيرعثمان بوزدار کي سوالنامو ڏئي ڇڏيو

لاهور: قومي احتساب بيورو پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي سوالنامو ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد هو نيب آفيس مان واپس هليو ويو.پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار نيب آفيس ۾ پيش ٿيو، هن کان هڪ ڪلاڪ چاليهه منٽن تائين سوال ڪيا ويا. نيب جي ٽيم عثمان بوزدار کي سوالنامون ڏئي ڇڏيو ۽ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي،وڏي وزير کي 12 نقطن تي ٻڌل سوالنامو ڏنو ويو آهي. ذريعن مطابق عثمان بوزدار کي نيب 18 آگسٽ تي ٻيهر گهرائي ورتو آهي،هن کي پنهنجي ڪٽنب جي اثاثن بابت تفصيلي جمع ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي وئي. نيب جي ٽه رڪني جوائنٽ انوسٽي گيشن ٽيم وڏي وزير کان سوال جواب ڪيا،هن کان نجي هوٽل کي ڏنل شراب جي لائسنس بابت پڇيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔