ٻارنهن فوٽ ڊگهو واڳون گهر ۾ داخل….

آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ پيءُ جي حاضر دماغي پنهنجن ٻارن ۽ انهن جي نگهبان کي 12 فوٽ ڊگهي مگرمڇ کان بچائي ورتو.
ٽيڪساس جي رهواسي اينڊريو جو چوڻ آهي ته هو گهر ۾ هو جڏهن هن خطرناڪ واڳون ڏٺو جيڪو هن جي گهر جي پويان واهه مان نڪتو هو.
12 فوٽ ڊگهو ۽ 270 ڪلو گرام وزني واڳون گهر ۾ کيڏندڙ ٻارن ۽ انهن جي سار سنڀال لهندڙ ويجهو اچي ويو
ان دوران مدد جي آوازن تي ٻارڙن جو والد اچي ويو جنهن کين بچائي ورتو پر واڳون کي پڪڙڻ لاء هن به مدد لاء رڙيون ڪيون.
ڪجهه دير بعد ريسڪيو جا اهلڪار سندس گهر پهتا جن ڪيترن ئي ڪلاڪن جي محنت بعد واڳون کي پڪڙي کليل پاڻي ۾ منتقل ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔