روس ڪرونا وائرس ويڪسين ٺاهيندڙ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو؛ پيوٽن

ماسڪو: روس ڪورونا وائرس ويڪسين جي استعمال منظوري ڏئي ڇڏي.روسي صدر ولاديمير پيوٽن موجب ملڪ ۾ تيار ڪئي ويندڙ ڪورونا وائرس ويڪسين جي استعمال جي شروعات ٿي وئي آهي ۽ پهريون ٽِڪو منهنجي ڌيءُ کي لڳايو ويو آهي.اڱاري ڏينهن هڪ سرڪاري اجلاس کي خطاب ڪندي پيوٽن چيو ته ٽيسٽ سان ويڪسين جو اثرائتو هجڻ ثابت ٿي ويو آهي ۽ اها ڪورونا خلاف ڊگها اثر ڇڏي ٿي.هن ويڪسين اثرائتي هجڻ تي زور ڏيندي چيو ته منهنجي ٻن ڌيئرن مان هڪ کي اهو ٽُڪو هنيو ويو ۽ هاڻ اها بهتر محسوس ڪري رهي آهي.هوڏانهن روسي اختيارين جو چوڻ آهي ته اهو ٽُڪو سڀ کان اڳ ميڊيڪل ورڪرز، استادن ۽ ٻين رسڪ گروپن کي لڳايو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔