آرمي چيف پاران سعودي جي بچاءَ واري نائب وزير محمد عبدالله جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سعودي جي بچاءَ واري نائب وزير محمد عبدالله العائش جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي ،جنرل قمر جاويد باجوه ڏکي خاندان سان دلي تعزيت جواظهار پڻ ڪيو آهي .

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سعودي قيادت سان به تعزيت جو اظهار ڪيو

جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته محمد بن عبدالله العائش جي لاڏاڻي سان پاڪستان سچي دوست کان محروم ٿي ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ جاءِ عطا فرمائي .

آرمي چيف چيو ته محمد بن عبدالله ٻنهين ملڪن وچ ۾ مثالي ڀائيچاري جي علامت هو، ڏک ۽ غم جي مهل هو سعودي ڀائرن سان گڏ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔