جڏهن مافياز حڪومت هلائينديون آهن ته کنڊ، پيٽرول ۽ اٽو ناياب ٿي ويندو آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي : رياست مدينه جا دعويدار اٽي ۽ کنڊ جا چور نڪتا، پيٽرول ۽ کنڊ کانپوءِ ڪڻڪ جو هٿرادو بحران پيدا ڪري مافيا کي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن: سنڌ حڪومت جَي ترجمان مرتضيٰ وهاب ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جڏهن مافياز حڪومت هلائينديون آهن ته کنڊ، پيٽرول ۽ اٽو ناياب ٿي ويندو آهي، چون ٿا ته سنڌ ڪڻڪ نه ڏني ته پنجاب ۾ اٽو ناياب ٿي ويو، جيڪڏهن اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ اٽو مهانگو آهي ته ان ۾ سنڌ حڪومت جو ڪهڙو ڏوهه آهي، مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ 63 ارب رپين بدران رڳو 34 ارب رپيا ڏنا، پريشان آهيون ته پگهارون ۽ پينشز ڪيئن ڏيون، پي ٽي آءِ حڪومت کي سنڌ سان بغض ختم ڪري تسليم ڪرڻو پوندو ته کانئن حڪومت نٿي سنڀالجي، سنڌ ۾ وسيم اڪرم پلس ناهي، تنهنڪري هنن جي ڪير ڳالهه نٿو ٻڌي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ اٽو ناياب ٿيڻ سان سنڌ جو ڪهڙو تعلق، وفاقي وزير هاڻ ڪڻڪ بحران جو راڳ ڳائي رهيا آهن، چون ٿا ته سنڌ ڪڻڪ نه ڏني ته اٽي جو بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي ۾ ايترو برساتي پاڻي نه بيٺو جيترو ڏيکاريو ويو، جعلي تصويرون ايڊٽ ڪري وڏو پاڻي ڪري ڏيکاريو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔