ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن جي اسپيل ۾ 130 ملي ميٽر تائين برسات جو امڪان

ڪراچي: موسميات کاتي شهر ۾ ٽن ڏينهن جي برسات جي اسپيل ۾ 100 کان 130 ملي ميٽر برسات ٿيڻ جو امڪان ظاهرڪيو آهي

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽرعبدالقيوم ڀٽو جو چوڻ هو ته هوا جو هڪ گهٽ پريشر رڻ آف ڪڇ تي ٺهي چڪو آهي ۽ هوا جو هڪ ٻيو گهٽ دٻاءُ خليج بنگال تي موجود آهي ، ايندڙ ڏينهن ۾ اهي ٻئي سسٽم ڀارتي گجرات وٽ ملندا .

هن چيو ته هوا جي ٻنهين دٻائن جي ملڻ سان چوماسي جي شدت ۾ اضافو ٿيندو ۽  چوماسي جو اهو سسٽم خميس کان سنڌ ۾ اثر انداز ٿيندو جڏهن ته ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن جي اسپيل دوران 100 کان 130 ملي ليٽر برسات پوڻ جو امڪان آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔