پاڪستان ايران ۽ سعودي عرب ۾ ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۾ بهتر ڪردار ادا ڪيو : وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستنا ايران ۽ سعودي عرب ۾ فوجي ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ بهتر ڪردار اداڪيو آهي

عرب جي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان سعودي عرب ۽ ايران ۾ جاري ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ پاڪستان ڇڪتاڻ ۾ موجود علائقي ۾ فوجي ڪارروائي  جي وڌندڙ امڪان کي روڪيو .

وزيراعظم چيوته علائقي جي ٻن ملڪن جي وچ ۾ عسڪري ٽڪراءَ جي امڪان سان وچ اوڀر لاءِ بدترين حالتون پيدا ٿيون

عمران خان جو چوڻ هو ته ايران ۽ سعودي عرب ۾ ٽياڪڙي جو نتيجو سست هجڻ باوجود پاڪستان ٽياڪڙي لاءِ مسلسل ڪوششون  ڪري رهيو آهي ، ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ اسان جي ٽياڪڙي نه رڪي آهي پر اسان ان تي اهستي آهستي اڳڀرائي ڪري رهيا آهيون هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ فوجي مزاحمت روڪڻ لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪيو ۽ اسان جون ڪوششون ڪامياب ٿيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔