اسان جو موقف نه بدليو آهي، اسان جي منزل سري نگر آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد : ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ پاڪستان جون سموريون پارٽيون متحد آهن، يوم استحصال بابت آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، سينيٽ چيئرمين، ن ليگ، پيپلز پارٽي، جي يو آءِ، جماعت اسلامي، عوامي نيشنل پارٽي ۽ بي اين پي سميت ٻين پارٽين شرڪت ڪئي ، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستاني قوم، سياسي قيادت ۽ فوج جو هڪ ئي موقف آهي، ڀارت قيد ۽ ظلمن باوجود ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور نه ڪري سگهيو آهي.، هن چيو ته اسان جو موقف نه بدليو آهي اسان جي منزل سري نگر آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔