حمزا علي عباسي ۽ نيمل خاور جي گھر پٽ جي پيدائش

ڪراچي : سوشل ميڊيا تي فعال رهندڙ اداڪار حمزه علي عباسي ۽ اداڪارا نيمل خاور کي پٽ ڄائو آهي.
ڊراما ۽ فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار حمزا علي عباسي سوشل ميڊيا جي ويب سائيٽ تي پنهنجن مداحن کي خوشخبري ٻڌائيندي لکيو ته کيس پٽ ڄائو آهي. جنهن جو نالو هن محمد مصطفيٰ عباسي رکيو آهي.
حمزا علي عباسي لکيو ته خدا ڪري ته هن جو پٽ، شڪر گذار ۽ ايماندار انسان بڻجي ۽ خدا سندس دنيا ۽ آخرت جي زندگي سنواري، اسان کي دعائن ۾ ياد رکو.
واضح رهي ته اداڪارحمزا علي عباسي ۽ نيمل خاور گذريل سال شادي ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔