آمريڪا ۾ چيني محققن کي هراسان ڪيو پيو وڃي: بيجنگ حڪومت

بيجنگ: چين الزام هنيو آهي ته آمريڪا ۾ چيني شاگردن ۽ محقنن جي نگراني ڪئي پئي وڃي، کين هراسان ڪرڻ سان گڏوگڏ جبري طور حراست ۾ به رکيو پيو وڃي.
بيجنگ ۾ پرڏيهي وزارت جي ترجمان سومر ڏينهن بريفنگ ڏيندي آمريڪا تي اهڙا الزام هنيا.
واضح رهي ته آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ هڪ چين ڄائي محقق يوآن ٽينگ جي ضمانت تي رهائي جي درخواست تازو رد ڪئي وئي، جنهن سبب ٻنهي ملڪن ۾ گرما گرمي آهي.
جوابدار تي چين سان پنهنجي رابطن جي باري ۾ غلط بياني جو الزام آهي.
آمريڪا ۾ وڌيڪ 3 چين ڄاوا دانشور ۽ محقق حراست هيٺ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔