هالي ووڊ کي ڪورونا وائرس سبب ڪروڙين ڊالرن جو نقصان

لاس اينجلس: عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب دنيا جي سڀني کان وڏي فلم انڊسٽري هالي ووڊ کي ڪروڙين ڊالرن جو نقصان برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي.آمريڪا سميت سڄي دنيا ۾ سئنيما گهر بند رهڻ سان ڪيترين ئي فلمن جو بزنس حيران ڪندڙ طور تي گهٽ رهيو. ول اسمٿ جي ايڪشن فلم بيڊ بوائز فار لائف اڃان تائين سڀني کان ڪامياب فلم رهي. جنوري ۾ رليز ٿيندڙ هن فلم سڄي دنيا ۾ 65 ارب روپين کان وڌيڪ جو بزنس ڪيو آهي.هالي ووڊ جي وڏين فلمن جي رليز ڪورونا وائرس سبب دير جو شڪار ٿي آهي. جيمز بانڊ جي فلم نو ٽائم نو ڊائي کي اپريل ۾ رليز ٿيڻو هو پر هاڻ ان کي نومبر ۾ رليز ڪيو ويندو.ڪار ريسنگ تي ٻڌل سيريز فاسٽ اينڊ فيوريٽس جي نائين فلم جو ٽن سالن کان انتطار ڪندي مداحن جو انتظار ڊگهو ٿي ويو آهي. هاڻ اها فلم اپريل 2021 ۾ رليز ڪئي ويندي.چيني ويڙهاڪ عورت تي ٺاهيل فلم مولان 24 آگسٽ تي سئنيما گهرن ۾ رليز ڪرڻي هئي پر هاڻ خطرن سان کيڏندڙ ان عورت جي فلم جي رليز کي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔