ڀارتي ميڊيا مودي سرڪار جي 5 آگسٽ واري قدم کي هاڃيڪار قرار ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي : ڀارتي ميڊيا مودي سرڪار طرفان هڪ سال اڳ 5 آگسٽ تي والاريل ڪشمير جي خود مختياري ختم ڪري ماٿري کي ترقي ڏيارڻ جي دعوائن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا.

ڀارتي اخبار جي رپورٽ موجب ڀارت طرفان 5 آگسٽ 2019 جي هڪ طرفي قدم کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ هڪ سال دوران 4 لک 56 هزار ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن.

رپورٽ موجب والاريل ماٿري جي معيشت کي 40 هزار ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي، جڏهن ته 6 هزار ايڪڙ زرعي زمين کي صنعتي مقصدن لاءِ رکيو ويو آهي.

ڀارتي اخبار جو چوڻ آهي ته اها صورتحال آرٽيڪلز 370 ۽ 35 اي جي خاتمي جي ناڪاري اثرن جو نتيجو آهي.

واضح رهي ته ڀارت جي انتهاپسند حڪمران جماعت بي جي پي گذريل سال 5 آگسٽ تي والاريل ڪشمير کي خاص حيثيت ڏيندڙ آئين جي آرٽيڪل 370 جو خاتمو ڪري ڄمون ۽ ڪشمير ۽ لداخ کي زبردستي ڀارتي يونين جو حصو بڻائي ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔