مخالف ڌر کي اين آر او جهڙي ڪا به رعايت نه ڏني ويندي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان هڪ دفعو ٻيهر چيو آهي ته هو قومي احتساب آرڊيننس ۾ اپوزيشن جون ترميمون قبول ڪري کين ڪنهن به قسم جو اين آر او نه ڏيندو.

پارليامينٽ هائوس ۾ پي ٽي آءِ پارليامينٽرين جي لاءِ دعوت جي ميزباني ڪندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته هو اپوزيشن وٽان بليڪ ميل نه ٿيندو، جيڪڏهن اپوزيشن ايف اي ٽي بابت بلز جي مخالفت ڪئي ته اسان ان جي منظوري لاءِ پارليامان جو گڏيل اجلاس گهرائي سگهون ٿا.

ان سلسلي ۾ هڪ پي ٽي آءِ جي ميمبر چيو ته وزيراعظم عمران خان ايف اي ٽي بلز جي حمايت ڪرڻ لاءِ اپوزيشن جي بارگيننگ ۽ استحصال تي تنقيد ڪئي.

وزيراعظم چيو ته قومي احتساب آرڊيننس 1999 جي 38 شق 34 کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ته جيئن نيب ۾ جاري ڪيس ختم ٿي وڃن.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته هو (اپوزيشن اڳواڻ) دعويٰ ڪري رهيا هئا ته هنن پي ٽي آءِ حڪومت کان ڪڏهن به اين آر او ناهي گهريو پر سندن تجويز ڪيل ترميمون اين آر او وٺڻ جو ثبوت آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔