راجن پور ۾ دهشتگرديءَ جو هڪ وڏو منصوبو ناڪام، 5 دهشتگرد مارجي ويا

راجن پور: پنجاب پوليس جي دهشتگردي ٽوڙ يونٽ (سي ٽي ڊي) راجن پور ۾ دهشتگرديءَ جو وڏو منصوبو ناڪام ڪندي 5 مبينا دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.

پوليس موجب انڊس هاءِ وي جي ويجهو عبي ٽوبه ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪندي پنج مبينا دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي، مارجي ويل دهشتگردن وٽان 10 کان 15 ڪلو گرام وزني بم ۽ هٿيار هٿ آيا آهن.

ٻئي طرف بي ڊي ايس انچارج غلام عباس موجب بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي عملي موقعي تي پهچي بم کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو جيڪو ريموٽ ڪنٽرول هو.

سي ٽي ڊي اهلڪارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته دهشتگردن جا لاش ڊسٽرڪٽ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن جتي انهن جي سڃاڻپ سميت ٻين ضابطن جي ڪارروائي جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔