سول انتظاميا جي مدد لاءِ ڪراچي ۾ فوج طلب

راولپنڊي: ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ پيدا ٿيل ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سول انتظاميا جي مدد لاءِ فوج کي طلب ڪيو ويو آهي .

آءِ ايس پي آر موجب ڪراچي ۾ اربن فلڊنگ جي خطري سبب سول انتظاميا جي مدد لاءِ پاڪ فوج کي گهرايو ويو آهي .

ان کان اڳ ۾ وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي ڪراچي جي صفائي ۽ پاڪ فوج کي ان جي مدد لاءِ هدايت جاري ڪندي چيو هو ته ڪراچي جي عوام کي ڏکي گهڙين ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين .

وزيراعظم عمران خان اين ڊي ايم اي ڪراچي ۾ برساتي نالن جي صورتحال جي باري ۾ تفصيلي جائزي رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي هئي .

ان حوالي سان وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيئرمين اين ڊي ايم اي کي فوري ڪراچي پهچڻ ۽ شهر ۾ صفائي جو عمل فوري شروع ڪرڻ جڏهن ته پاڪ فوج کان ان ۾ مدد جي هدايت ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔