اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران وزيراعظم جي خاص مددگارن کي هٽائڻ لاءِ داخل درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم جي خصوصي معاونن کي هٽائڻ لاءِ داخل درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ يا نه هجڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته عوام جي چونڊيل وزيراعظم تي وڏيون ذميواريون هونديون آهن، وزيراعظم پنهنجون ذميواريون نڀائڻ لاءِ ڪنهن کان مدد وٺي ته اُن ۾ ڪهڙو عيب آهي؟ جيڪڏهن وزيراعظم کي خصوصي معاون رکڻ جو به اختيار نه ڏيون ته نظام ڪيئن هلندو؟ آئيني معاملا عدالت ۾ کڻي اچڻ سٺو عمل آهي، هن وقت ٻيا به کوڙ سارا اهم معاملا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔