چئن پنجن مهينن دوران وزيراعظم وڏا فيصلا ڪري سگهي ٿو: فواد چوڌري

اسلام آباد: سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفافي وزير فواد چوڌري  چيو آهي ته چار پنج مهينا وزيراعظم جي وڏن فيصلن جا مهينا آهن.

خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته استعيفي ڏيندڙ ٻئي خاص صلاحڪار  پنهنجو موقف ڏئي چڪا آهن تانيه ايڊروس کي اين جي او سي بابت معاملو هلي رهيو هو.  جنهن سبب هنن استعيفيٰ ڏني. هن چيو ته ڀارت مان دوائن گهرائڻ جي معاملي تي صحت کان وڌيڪ فنانس ڊويزن جو تعلق آهي ۽ ڀارت مان دوائون گهرائڻ سان ڊاڪٽر ظفر مرزا جو ڪوبه تعلق ناهي.

آرٽيڪل 91 موجب اوهان جي موقف سان وزيراعظم متفق ٿيندو ته اوهان ڪم جاري رکندو. وزيراعظم وٽ پنهنجا اختيار به آهن ۽ ايگزيڪٽو اٿارٽي به آهي. 

فواد چوڌري چيو ته عمران خان جي سواءِ ڪنهن ٻئي کان اصلاحات جي اميد نٿا رکي سگهون. وزيراعظم اهم فيصلن کان اڳ اشارو ڏئي ڇڏيو هو. چار پنج مهينا وزيراعظم جي وڏن فيصلن جي مهينا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔