تانيه ايڊروس جي استعيفيٰ جا اصل سبب سامهون اچي ويا

اسلام آباد: وزيراعظم جي اڳوڻي صلاحڪار تانيه ايڊروس جي استعيفيٰ جا اصل سبب سامهون اچي ويا.

ذريعن موجب تانيه ايڊروس ڊيجيٽل پاڪستان فائونڊيشن جي نالي سان اين جي او ٺاهي جنهن کي سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن پاڪستان(ايس اي سي پي) ۾ رجسٽرڊ ڪرايو ويو جڏهن ته اين جي او جي ڊائريڪٽرز ۾ جهانگير ترين ۽ تانيه ايڊروس شامل هئا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته فائونڊيشن جي فنڊنگ  ۾ بي قاعدگين جا به الزام سامهون آيا جنهن تي وزيراعظم عمران خان معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو ۽ جاچ جي دوران تانيه ايڊروس  الزامن مان آجي نه ٿي سگهي. ذريعن ٻڌايو ته پاڪستان کي ڊيجيٽل بنائڻ جو منصوبو تانيه ايڊروس جي اين جي او کي مليو ۽ تانيه جي ٻٽي شهريت  تي به ڪيترن ئي حلقن کي خدشا هئا.

ذريعن موجب تانيه ايڊروس پاڪستان کان علاوه ڪينيڊا ۽ سينگاپور جي شهريت به رکندي آهي. واضح رهي ته وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار تانيه ايڊروس ۽ ظفر مرزا گذريل ڏينهن استعيفيٰ ڏنا جن مان انهن پنهنجي ٻٽي شهريت تي تنقيد  تي استعيفيٰ جو سبب ٻڌايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔