ميٽرڪ پاس ايم پي اي پنجاب ايجوڪيشن فائونڊيشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو چيئرمين ٿي ويو

لاهور: ميٽرڪ پاس سردار آفتاب اڪبر پنجاب ايجوڪيشن فائونڊيشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو چيئرمين چونڊجي ويو.

سردار آفتاب اڪبر جي چونڊ پنجاب ايجوڪيشن فائونڊيشن جي نئين جوڙيل بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي پهرين اجلاس ۾ ٿيو ۽ ميٽرڪ تائين تعليم هجڻ جي باوجود کيس بورڊ آف جو چيئرمين چونڊ ڪيو ويو. چڪوال مان پنجاب اسيمبلي جو چونڊيل سردار آفتاب اڪبر جو تعلق پاڪستان تحريڪ انصاف سان آهي ۽ پنجاب اسيمبلي جي ويب سائٽ تي ان جي تعليم ميٽرڪ لکيل آهي.

  ان حوالي سان سردار آفتاب اڪبر چيو آهي ته منهنجي تعليم ميٽرڪ نه پر انٽر آهي ۽  منهنجي چونڊ تعليمي لحاظ سان نه پر ڪارڪردگي تي ٿي آهي. هن چيو ته چونڊ کان اڳ منهنجا 3 انٽرويو ٿيا هئا ۽ انٽرويو ۾ ڪاميابي کان پوءِ 16 رڪني بورڊ  آف ڊائريڪٽر مون کي چونڊ ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته مان اداري جي مسئلن کي چڱي طريقي سان  سمجهندو آهيان ۽ سمورين شڪايتن کي جلد ختم ڪيو ويندو ۽ فائونڊيشن جي تحت هلندڙ اسڪول مالڪن جا مسئلا به جلد حل ڪري وٺنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔