پهرين آگسٽ کان پيٽروليم شيون مهانگيون ڪرڻ جِي سفارش

ڪراچي : وفاقي سرڪار مهانگائي ۽ ڪورونا وبا سميت ڪيترن ئي بحرانن جَي وَر چڙهيل عوام تي مهانگائي جو هڪ وڌيڪ بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪري ڇڏيو. پهرين آگسٽ کان پيٽروليم شيون مهانگيون ڪرڻ جِي سفارش ڪئي وئي. پيٽروليم وزارت سمري ناڻي وارِي وزارت ڏانهن اماڻي ڇڏي. ذريعن موجب سمري ۾ پيٽرول 7 رپيا، ڊيزل 9 رپيا 50 پيسا، لائيٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ جَي في لٽر اگهن ۾ 6-6 رپيا واڌ ڪرڻ جِي تجويز ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔