سنڌ جي دِل ڪراچي جو دردُ آخر ڪير محسوس ڪندو؟

        سنڌ پرڳڻي جي گادي وارو شهر ڪراچي، پنهنجي هزارين حسناڪين، خوبصورتين ۽ روشن ماضي جي يادگيرين کان سواءِ هاڻي ڪجهه نه رهيو آهي.  هي شهر ته سڀني جو رهيو آهي پر هن شهر جو ڪو به نه ٿي سگهيو آهي.

       اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ڪراچي دنيا جو ڇهون وڏو شهر سڏجي ٿو جيڪو ملڪ کي 65 سيڪڙو کان وڌيڪ روينيو پڻ ڏئي ٿو.پر افسوس جو اڍائي ڪروڙ ماڻهن کي پاليندڙ هن شهر جو حال پڇڻ وارو ڪوئي ڪونهي، هن جو خيال رکڻ وارو ڪوئي ڪونهي.

      ڪراچي جا ماڻهو هتان جي شهري هجڻ جون دعوائون ته وڏيون  ڪندا رهيا آهن پر ڪنهن به هن شهر جي رهواسي هجڻ جو عملي ثبوت نه ڏنو آهي، پوءِ اهو عام شهري هجي يا وري سياسي ، سماجي يا مذهبي پارٽي جو ڪو ڪارڪن يا اڳواڻ ، هر ڪنهن هن شهر کي بس رڳو سکڻا ڏَٽا ۽ نعرا ئي ڏنا آهن.

     ورهاڱي کان اڳ واري هن شهر ۾ڪيترو نه سڪون هو ، ڪيتري نه رونق هئي ، هرپاسي روشنيون ئي روشنيون، روڊ ، رستا ، گهٽيون ۽ پاڙا صاف شفاف ۽ پيا چمڪندا هئا ، ماڻهن جي دلين جيان شهر اجرو پيو لڳندو هو ،شايد ان وقت جي ماڻهن هن شهر کي پنهنجو ئي سمجهيو هو ۽ پنهنجي دل سان لائي رکيو هو.

    اڄ هن گهر تي دعوا ڪندڙ ته اڍائي ڪروڙ ماڻهو آهن پر ڪو به دلي طورهن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ، هن شهر جي ڏک ، تڪليف ۽ پريشاني ۾ ڪو به ان جي مدد لاءِ اڳتي نه پيو وڌي ، بس هر ڪوئي هڪ ٻئي تي ان جي ذميواري جو الزام مڙهي پنهنجي جِند آجي ڪرايون بيٺو آهي .

    شهر جي صفائي هجي، روڊ رستا هجن ، رستن تي برسات توڙي گٽرن جو وهندڙ پاڻي هجي، يا گندي پاڻي جي نالن جي صفائي يا وري شهرين جي سفري سهولت لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ ، هن شهر جو ڪو به لاڳاپيل ادارو، کاتو ، سنڌ سرڪار يا وري عام شهري انهن جي بهتري لاءِ پنهنجي حصي جو هڪ سيڪڙو به ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.

       چوماسي جي برساتن کانپوءِ پنهنجو حال ڏسي هي شهر به رت جا ڳوڙها هاري رهيو آهي ، کيس اعتبار ئي نه پيو اچي ته ڪو هن جو اهوحال انهن پنهنجن ئي ڪيو آهي جيڪي هن سان محبت جون دعوائون ڪندي ڪونه پيا ٿَڪجن ،ڪونه پيا ڍاپجن.

       دنيا ڏٺو ته جنهن کي به موقعو مليوتنهن هن شهر کي رڳو لٽيو ئي لٽيو آهي ، هن شهر کي ڦريو ئي ڦريو آهي پر ڪنهن به ڪراچي کي ڪجهه ڏنو ڪونهي . ها جي ڏنو آهي ته رڳو ڏک، سورَ ، تڪليفون ۽ آزارَ ، جن جو پتو هن شهر جي اُجڙي ويل حالتن مان پوي ٿو.

شهر کي پنهنجو سڏيندڙ اهي ڌريون ڀلي ڪيتريون به دعوائون ڪنديون رهن پر ڪراچي شهر پاڻ رڙيون ڪري ٻڌائي ٿو ته اڄ  اُهو نڌڻڪو آهي ، ان جو ڪو به ڌڻي سائين نه رهيو آهي .

شهر جي حالت حاڪمن سميت هتان جي عوام کان گهرجائو آهي ته اهي پنهنجا سڀئي ذاتي مفاد پاسي رکي هڪ ڀيرو وري ڪراچي کي روشنين جو شهر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٻي صورت ۾ تاريخ انهن کي ڪڏهن به معاف ڪونه ڪندي !

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔