ٻارن جي آن لائن ڪلاس لاءِ غريب پيءُ ڪمائي جو واحد ذريعو وڪرو ڪري ڇڏيو

نئين دهلي: ڀارت ۾ غريب پيءُ ٻارن جي آن لائن ڪلاسن جي خاطر اسمارٽ فون خريد ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو واحد ڪمائي جو ذريعو به وڪرو ڪري ڇڏيو.رپورٽ موجب عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ تعليمي ادارا ڪجهه مهينن کان بند آهن جنهن سبب ڪافي ملڪن ۾ تعليمي سرگرمين کي آن لائن ڪيو ويو آهي. ڀارت ۾ به ڪورونا سبب بند پيل اسڪولن سبب تعليمي سرگرميون آن لائن شروع ڪيون ويون آهن ڀارتي ميڊيا موجب رياست هماچل پرديش جي شهري ڪلديپ ڪمار جي ٻارن کي به اسڪول انتظاميه آن لائن ڪلاس وٺڻ جي هدايت ڪئي پر ڪلديپ وٽ ان جي لاءِ اسمارٽ فون وٺڻ جيترا پئسا نه هئا.ڪلديپ ڪمار جا چوٿين ۽ ٻئي ڪلاس ۾ پڙهندڙ ٻئي ٻار اسمارٽ فون نه هجڻ سبب تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم هئا ۽ ڪلاس مان غير حاضر هئا. ڪلديپ ڪمار کي اسڪول انتظاميه هدايت ڪئي ته جيڪڏهن هو پنهنجي ٻارن جي تعليم جاري رکڻ چاهي ٿو ته اسمارٽ فون خريد ڪري ته جيئن ٻارن جا آن لائن ڪلاس شروع ٿي سگهن.ڀارتي ميڊيا موجب غربت سبب ڪلديپ ڪمار اسمارٽ فون خريد ڪرڻ جي طاقت نه رکندو هو جنهن تي هن 6 هزار روپين جي لاءِ بينڪ کان به قرض گهريو پر ان جون مالي حالتون ڏسي بينڪ ۽ ٻين ماڻهن به کيس قرض ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن تي هن پنهنجو واحد ڪمائي جو ذريعو ڳئون کي وڪرو ڪري ڇڏيو ۽ ان پئسن مان ٻارن جي تعليم جي لاءِ اسمارٽ فون خريد ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔