اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ڪولمبيا ۾ آيل شديد زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيل جاني ۽ مالي تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام انهي المناڪ سانحي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي ڪولمبيا جي عوام ۽ متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.
هن ڪولمبيا جي صدر ابيلارڊوڊي لاايسپريٽلا، اتان جي عوام ۽ انهن سمورن خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو جن زلزلي جي تباهي سبب پنهنجن پيارن کي وڃايو. وزيراعظم متاثر خاندانن جي لاءِ صبر ۽ حوصلي جي دعا به ڪئي.
وزيراعظم زلزلي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن ۽ انهي قدرتي آفت سبب متاثر ٿيل سمورن ماڻهن جي لاءِ به همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جون دعائون ۽ نيڪ خواهشون هن مشڪل وقت ۾ زخمين ۽ متاثرين سان گڏ آهن.
شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ واضح ڪيو ته پاڪستان هن مشڪل وقت ۾ ڪولمبيا جي عوام سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته قدرتي آفت سبب پيدا ٿيل هن صورتحال ۾ پاڪستاني عوام ۽ حڪومت ڪولمبيا جي متاثرين جي ڏک کي محسوس ڪن ٿا ۽ انهن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا.
تبصرے بند ہیں۔