ڪراچي پورٽ تي ڪنٽينر هينڊلنگ جو نئون قومي رڪارڊ قائم

ڪراچي: ڪراچي پورٽ ڪنٽينر هينڊلنگ جو نئون قومي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.ڪراچي پورٽ مالي سال ختم ٿيڻ کان اڳ 26 لک 51 هزار کان وڌيڪ ٽي اي يوز (TEUs) هينڊل ڪري ورتا، جنهن کانپوءِ هيءَ ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي ڪنٽينر هينڊلنگ بندرگاهه بڻجي وئي آهي. بحري معاملن جي وفاقي وزير جاويد انوار چوڌري چيو ته ڪراچي پورٽ ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي ڪنٽينر هينڊلنگ بندرگاهه بڻجي وئي، رڪارڊ ڪنٽينر هينڊلنگ بحري شعبي تي ڪاروباري اعتماد جو چٽو ثبوت آهي. هن جو چوڻ هو ته هيءَ تاريخي ڪاميابي ڪي پي ٽي (KPT) جي آفيسرن ۽ ڪارڪنن جي اڻٿڪ محنت جو نتيجو آهي، پاڪستان جي شپنگ ۽ لاجسٽڪس صلاحيت وڌيڪ مستحڪم ٿي رهي آهي، پاڪستان کي علائقائي ٽرانس شپمينٽ ۽ لاجسٽڪس حب بڻائڻ جو مشن جاري رهندو. ڪي پي ٽي جي چيئرمين ايڊمرل شاهد احمد چيو ته بندرگاهه جي سڌارن ۽ جديد انفراسٽرڪچر جي ڪري ڪارگو ٽرافيڪ ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي، ڪراچي پورٽ قومي معيشت ۽ سامونڊي واپار ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

تبصرے بند ہیں۔