پيٽرول تي في ليٽر ليوي 40 رپيا 49 پئسا گهٽ ڪئي وئي

اسلام آباد:  پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول تي في ليٽر ليوي 40 رپيا 49 پئسا گهٽ ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب پيٽرول تي ليوي 106 رپيا 74 پئسن کان گهٽ ڪري 66 رپيا 25 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب ڊيزل تي ليوي 19 رپيا 71 پئسا في ليٽر وڌائي وئي آهي. ڊيزل تي ليوي 53 رپيا 26 پئسن مان وڌائي 72 رپيا 97 پئسا في ليٽر مقرر ٿي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل ٻنهي تي ليوي سراسري طور 80 رپين کان گهٽ تي اچي وئي آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل تي مجموعي ليوي 139 رپيا 22 پئسا في ليٽر آهي. ذريعن موجب هلندڙ مالي سال دوران ليوي جو هدف پورو ٿيڻ تي مجموعي طور تي ليوي ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

تبصرے بند ہیں۔