سنجي ليلا ڀنساليءَ خلاف ٺڳيءَ جو پرچو ڪَٽجي ويو

ممبئي : نامياري بالي ووڊ هدايتڪار، فلمساز ۽ موسيقار سنجي ليلا ڀنسالي ۽ ٻن ساٿين خلاف ڀارتي رياست راجسٿان جي شهر بيڪانير ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، پراتيڪ راج ماٿور نالي همراهه پوليس ۾ شڪايت داخل ڪرائيندي الزام لڳايو ته کيس فلم “ لَو اينڊ وار“ لاءِ لائن پروڊيوسر طور ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو، جيڪو پوءِ اوچتو رد ڪيو ويو.
راج ماٿور موجب، هو فلم جي عڪسبندي لاءِ ضروري انتظام ڪري رهيو هو ۽ جڏهن هو ٽيم سان ملاقات لاءِ هوٽل ويو ته سنجي ليلا ڀنسالي ۽ سندس ساٿين سندس ساڻس بدسلوڪي ڪئي.
بيڪانير پوليس آفيسر وشال جنگيت موجب، ماٿور جي شڪايت تي ڀنسالي ۽ ٽيم جي ٻن ساٿين اروند گل ۽اوتڪرش بالي کي به نامزد ڪيا ويا آهن، مٿن الزام آهي ته بنا ڪنهن ادائيگي جي کيس پروجيڪٽ تان هٽايو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس فراڊ، سازش ۽ ڌمڪين جي الزامن هيٺ عدالتي حڪم تي داخل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته فلم لَو اينڊ وار ۾ رنبير ڪپور سان گڏعاليا ڀٽ ۽ وڪي ڪوشل مُک ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔