ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي جارح مزاج بيٽر فخر زمان ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچز جي سنچري مڪمل ڪري ڇڏي. شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ اڱاري تي افغانستان خلاف ٽن ملڪي جي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي چوٿين ميچ ۾ فخر زمان 100 ميچون کيڏڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. فخر زمان 2017 ۾ ويسٽ انڊيز خلاف پنهنجي ٽي ٽوئنٽي ڪيريئر جو آغاز ڪيو هو ۽ پنهنجي 100 هين ميچ ۾ هو رڳو 25 رنز ئي اسڪور ڪري سگهيو. هو پاڪستان جي طرفان 100 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچز کيڏندڙ ڇهون رانديگر بڻجي ويو. ان کان اڳ بابر اعظم، محمد حفيظ، شعيب ملڪ، شاداب خان ۽ محمد رضوان به 100 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچز کيڏي چڪا آهن.