وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جو خيبرپختونخوا جيب متاثر علائقن جو دورو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير خيبرپختونخوا جي سيلاب متاثر علائقن جو دورو ڪيو، ٻنهي اڳواڻن سڀ کان پهرين سوات پهچي وفاقي وزير امير مقام سان ملاقات ڪئي، جتي وزيراعظم بونير ۽ شانگله ۾ سيلاب سبب ٿيل صورتحال ۽ نقصان جو فضائي جائزو ورتو.

سوات کان پوءِ وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل بونير ويا، جتي متاثر علائقن جو دورو ڪيو ويو، وزيراعظم بونير ۾ متاثرن سان ملاقات ڪري امدادي چيڪ ورهايا ۽ خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت ۽ پاڪ فوج هن نازڪ وقت ۾ مڪمل سهڪار لاءِ پرعزم آهن، بحاليءَ جو عمل تيز ڪرڻ لاءِ سڀ قومي وسيلا استعمال ڪيا ويندا.

هن غيرقانوني قبضا، ٽمبر مافيا، آبي گزرگاهن ۾ غيرقانوني کوٽائي ۽ ڪرشنگ کي وڏن نقصانن جا اهم سبب قرار ڏيندي خبردار ڪيو ته اهڙيون سرگرميون انساني جاني نقصان ۽ تباھيءَ جو سبب بڻجن ٿيون.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته وفاق ۽ صوبائي حڪومت گڏجي آفتن جو مقابلو ڪنديون، ڪلاوڊ برسٽ سبب ٿيل تباهيءَ کانپوءِ متاثرن جي بحالي سڀني جي ذميواري آهي.

ان موقعي تي فيلڊ مارشل عاصم منير پاڪ فوج جي جوانن جي خدمتن کي ساراهيو ۽ هدايت ڪئي ته ذميواري نڀائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي، هن زور ڏنو ته شهرين جي حفاظت ۽ متاثرن تائين رليف پهچائڻ پهرين ترجيح آهي.

وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل کي ريسڪيو ۽ رليف آپريشن بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي، وزيراعظم شهباز شريف فوج ۽ سول انتظاميه جي لڳاتار محنت جي واکاڻ ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔