ڪراچي : اڄ شهر ۾ وچولي کان تيز برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب، اڄ به شهر ۾ برسات پوندي ۽ ڪراچي سميت سنڌ ۾ 23 آگسٽ تائين مون سون سسٽم اثرائتو رهڻ جو امڪان آهي. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اربع جي شام کان وقفي وقفي سان برسات پئي آهي.شهر ۾ ڪالهه ڪجهه هنڌن تي هلڪي کان تيز برسات پئي، ۽ ڊرگ روڊ، اسٽيڊيم روڊ، ميٽيورولوجي، يونيورسٽي روڊ ۽ شارع فيصل ايف ٽي سي سميت ڪيترن ئي هنڌن تي پاڻي جمع ٿي ويو.شهر ۾ برسات سبب ڪلفٽن کان علاوه ٻيا انڊر پاس بند آهن، جڏهن ته ڪورنگي درياءَ ۽ ڪاز وي روڊ به بند آهن.ڪراچي ۾ اڱاري ۽ اربع تي برسات سبب مختلف حادثن ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 17 ٿي ويو آهي، جڏهن ته بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب 6 ماڻهو فوت ٿيا آهن.