لاهور : گڏيل عرب امارات ۾ ٿيندڙ ٽي ملڪي ٽي 20 سيريز ۽ ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستان جي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.پاڪستان، افغانستان ۽ يو اي اي جي ٽي ملڪي سيريز 29 آگسٽ کان 7 سيپٽمبر تائين شارجه ۾ منعقد ٿيندي، جڏهن ته ايشيا ڪپ 9 کان 28 سيپٽمبر تائين ابو ظهبي ۽ دبئي ۾ منعقد ٿيندو.17 رڪني اسڪواڊ جو اعلان سليڪٽر ۽ ڊائريڪٽر آف هاءِ پرفارمنس عاقب جاويد ۽ هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو.سلمان علي آغا کي 17 رڪني اسڪواڊ جو ڪپتان برقرار رکيو ويو آهي، ان کان علاوه اسڪواڊ ۾ فخر زمان، شاهين شاهه آفريدي، حارث رؤف، صائم ايوب، خوشدل شاهه، حسين طلعت شامل آهن.محمد نواز، محمد وسيم جونيئر، محمد حارث، ابرار احمد، فهيم اشرف، حسن علي، حسن نواز، صاحبزاده فرحان، سلمان مرزا ۽ سفيان مقيم پڻ اسڪواڊ جو حصو آهن.هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اسان نو مان ڇهه ميچ کٽيا آهن، اسان هڪ ميچ آخري بال تي هارايو، اسان جي ٽيم ۾ گهڻي تبديلي ناهي، سلمان مرزا کي بنگلاديش ۾ سندس ڪارڪردگي جي ڪري رکيو ويو آهي.عاقب جاويد چيو ته هي اهو ئي گروپ آهي جيڪو کيڏي رهيو آهي، اميد آهي ته اهي رانديگر جيڪي کيڏي رهيا آهن اهي مستقبل ۾ سٺو ڪندا، جيڪڏهن ٽي 20 سڌي بيٽ سان کيڏڻو آهي ته ٽي 20 نه کيڏڻ گهرجي، صائم، صاحبزاده ۽ فخر زمان سٺو کيڏي رهيا آهن، ڪنهن کي به انهن تي شڪ نه ڪرڻ گهرجي.