لياري واقعو، اٿارٽي جي 6 آفيسرن سميت 14 ڄڻا قصور وار قرار

ڪراچي: بغدادي ۾ عمارت ڪِرڻ واري واقعي تي پوليس عدالت ۾ ابتدائي معلوماتي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.پوليس رپورٽ موجب، 1986 ۾، مالڪ ٻن حصن تي مشتمل هڪ گرائونڊ پلس 5 عمارت ٺاهي هئي. ڪافي عرصي تائين عمارت جا ٻئي حصا زبون ۽ ناقابل رهائش هئا، رپورٽ موجب، ايس بي سي اي آفيسر 2022 کان عمارت جي زبون ٿيڻ کان واقف هئا ۽ ايس بي سي اي آفيسرن جي مجرمانه لاپرواهي جي ڪري 20 فليٽن تي مشتمل عمارت جو هڪ حصو ڊهي پيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻ هجڻ جي باوجود، ايس بي سي اي آفيسرن سنجيده قدم نه کنيا، آفيسرن غفلت ۽ لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو، جنهن جي ڪري عمارت ڪِري پئي. پوليس رپورٽ ۾ ايس بي سي اي جي 6 ڊائريڪٽرن سميت 14 جوابدارن کي مجرم قرار ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔