راولپنڊي: چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان ڏکڻ آفريقه جي فضائيه جي سربراهه ملاقات ڪئي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب ڏکڻ آفريقه جي فضائيه جي سربراهه جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽر پهتو جتي معزز مهمان کي ٽنهي فوج جي دستن گارڊ آف آنر پيش ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب ڏکڻ آفريقه جي ايئر چيف ليفٽيننٽ جنرل وائز مين سيمومبامبو چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، دفاعي تعاون ۽ فوجي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ٻنهي معزز شخصيتن فوج جي وچ ۾ تعاون وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ عملي قدمن تي ڳالهيون ڪيون، جڏهن ته عالمي، علاقائي جغرافيائي سياسي منظر نامي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ڏکڻ آفريقي مهمان کي خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي پاڪستاني موقف کان آگاهه ڪيو ۽ خطي ۾ امن، استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو.
ليفٽيننٽ جنرل وائز مين سيمومبامبو پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشه وارانه صلاحيتن جي تعريف ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ انهي جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو.