اسلام آباد: فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) بينڪن مان روڪ رقم ڪڍرائڻ تي نان فائلرز تي ود هولڊنگ ٽيڪس جي شرح 0.6 سيڪڙو مان وڌائي 1.2 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي انهي قدم جو مقصد ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرائيندڙن جي لاءِ مالياتي سرگرمين کي مشڪل بنائڻ آهي ته جيئن اهي به ٽيڪس نيٽ ۾ اچن.حڪومت پهرين جولاءِ 2025 کان نان فائلرز جي ڪيٽيگري ختم ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي جنهن کان پوءِ نان فائلرز ڪنهن به قسم جي مالياتي ڏيتي ليتي نه ڪري سگهندا. انهي سلسلي ۾ قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۽ روينيو ٽيڪس قانون(ترميمي) بل 2024 جي رپورٽ منظور ڪري ورتي آهي جنهن جي تحت نان فائلرز جي معاشي سرگرمين تي سخت پابنديون لڳايون وينديون.