آرمي چيف کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري

اسلام آباد : وفاقي حڪومت آرمي چيف جنرل عاصم منير کي فائيو اسٽار جنرل يعني فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير بابر سڌو جيڪو رٽائر ٿيڻ وارو آهي، ان جون خدمتون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. فيلڊ مارشل ڪنهن به فوج ۾ وڏي ۾ وڏو عهدو هوندو آهي جيڪو غير معمولي خدمتن تي ڏنو ويندو آهي. هي هڪ اعزاي عهدو هوندو آهي. وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب وفاقي ڪابينا جنرل سيد عاصم منير (نشان امتياز ملٽري) کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني، جنرل عاصم منير کي آپريشن بنيان المرصوص ۾ سندس بهترين حڪمت عملي ۽ دشمن کي شڪست ڏيڻ جي ڪري فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي، اهو به متفقه طور تي فيصلو ڪيو ويو ته ايئر چيف مارشل ظهير بابر سڌو جي مدت ختم ٿيڻ کان پوءِ به انهن جون خدمتون جاري رکيون وڃن. ايئر مارشل سڌو 19 مارچ 2021 تي ايئر چيف جو عهدو سنڀاليو هو.  پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آپريشن بنيان المرصوص دوران اهم خدمتون سرانجام ڏيندڙن کي اعليٰ سرڪاري ايوارڊ ڏنا ويندا ۽ آپريشن بنيان المرصوص جي فوجين ۽ شهيدن کي اعليٰ سرڪاري ايوارڊ ڏنا ويندا، آپريشن بنيان المرصوص دوران پاڪستاني شهرين کي انهن جي خدمتن لاءِ اعليٰ سرڪاري ايوارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وفاقي ڪابينا چيو آهي ته آرمي چيف جي بي مثال قيادت جي مهرباني، پاڪستان معرڪه حق ۾ تاريخي فتح حاصل ڪئي. جنرل عاصم منير مثالي جرئت ۽ عزم سان پاڪستان فوج جي اڳواڻي ڪئي. جنرل عاصم منير هٿياربند فوج جي جنگي حڪمت عملي ۽ ڪوششن کي مڪمل طور تي هم آهنگ ڪيو، وفاقي ڪابينا موجب آرمي چيف جي بي مثال قيادت جي مهرباني سان پاڪستان انصاف جي جنگ ۾ تاريخي فتح حاصل ڪئي، وزيراعظم صدر سان ملاقات ڪئي ۽ کيس هن فيصلي بابت اعتماد ۾ ورتو، ياد رهي ته جنرل عاصم منير پاڪستان ۾ ٻيو شخص آهي جنهن کي فيلڊ مارشل بڻايو ويو آهي. ان کان اڳ، صدر جنرل ايوب خان 1959ع ۾ پاڻ کي پاڻ ئي فيلڊ مارشل بڻايو هو. ياد رهي ته 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارت پاڪستان ۾ 6 جاين تي حملا ڪيا هئا، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان ڀارت جا رافيل جنگي جهازن سميت 6 جهاز ڪيرايا هئا ۽ 9 ۽ 10 مئي جي وچ واري رات ڀارت جي 26 فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا هئا. جنهن ۾ ڏيڍ ارب ڊالر جي ماليت وارو دفاعي نظام ۽ براهموس ميزائيلن جو ڊپو به تباهه ڪيو هو. جنهن بعد ڀارت جي جوهري ميزائيل براهموس واري سائيٽ تان تابڪاري مواد ليڪ ٿيڻ جون خبرون به سامهون آيون هيون. جنهن بعد ڀارتي وزيراعظم نريندرا مودي صدر ٽرمپ کي جنگبندي لاءِ درخواست ڪئي ۽ 10 مئي تي شام جو صدر ٽرمپ جنگبندي جو اعلان ڪندي ٻنهي ملڪن ۾ ڪشمير س،ميت سڀني تڪراري معاملن تي ڳالهين جو به اعلان ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔