غزهه : سخت بين الاقوامي تنقيد کان پوءِ اسرائيل غزه کي محدود امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ناڪي بندي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ اهو واضح ناهي ته غزه کي امداد ڪيئن پهچندي ۽ ڪڏهن امداد پهچائڻ شروع ٿيندي.مڪمل ناڪي بندي جي ڪري، اسرائيل کاڌي جو هڪ داڻو يا پاڻي جو هڪ ڦڙو به غزه ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو آهي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڪالهه صبح کان غزه تي ٿيندڙ وحشي اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 150 کان وڌي ويو آهي.غزه کان عرب ميڊيا موجب، غزه جي سيف زون ۾ المواسي ڪئمپ تي اسرائيلي حملي ۾ 36 فلسطيني شهيد ٿيا.