پيٽرول نئين قيمتون برقرار، في ليٽر پيٽرول ڪيترو آهي؟

اسلام آباد: حڪومت ايندڙ 16 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ڊيزل ۽ گاسليٽ جو تيل سستو ڪيو ويو آهي.

ناڻي واري وزارت پيٽرول جي قيمت 252 رپيا 63 پئسا في لٽير برقرار رکڻ جو فيصلو ڪندي ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا في ليٽر گهٽتائي کانپوءِ نئين قيمت 254 رپيا 64 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

جڏهن ته گاسليٽ جو تيل 5 رپيا 4 پئسا في ليٽر سستو ٿيو آهي، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 4 رپيا 68 پئسا گهٽتائي کانپوءِ نئين قيمت 150 رپيا 65 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔