190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا معطلي تي ڌرين کي نوٽيس

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان ۽ سندس زال بشريٰ بي بي جي سزا معطل ڪرڻ جي درخواستن تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، هاءِ ڪورٽ سزا معطل ڪرڻ جي درخواستن کي ايندڙ هفتي ٻڌڻي لاءِ شيڊول ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي قائم مقام چيف جسٽس جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد آصف 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا معطل ڪرڻ جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.وڪيل سردار لطيف کوسا ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ ايندڙ اربع تي ٻڌڻي جي درخواست ڪئي.عدالت نيب ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪندي سزا معطل ڪرڻ جي درخواستن کي ايندڙ هفتي ٻڌڻي لاءِ شيڊول ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔