اسرائيلي بمباري جاري، اڄوڪن حملن ۾ 62 فلسطيني شهيد

غزا: بي بي سي، جي رپورٽ موجب اسرائيل جا عزا ۾ فلسطينين تي حملا جاري آهن ۽ رات کان جاري انه حملن ۾ 62 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اڌ رات کان شروع ڪيل 12 فضائي حملن ۾ مرندڙن جو تعلق ڏکڻ غزا جي خان يونس جي علائقي سان آهي. حماس جي ڪنٽرول هيٺ هلندڙ سول ڊفينس ايجنسي جي ترجمان محمود بصل بي بي سي کي ٻڌايو ته ريسڪيو ٽيمون خميس ڏينهن مقامي وقت مطابق صبح 2 وڳي (برطانوي وقت مطابق 12 وڳي رات) کان وٺي، خان يونس مان 56، اتر غزه جي بيت لاحيه مان 4 ۽ مرڪزي غزه جي دير البلح مان 2 لاش ڪڍيا آهن. شهيدن ۾ عورتون، ٻارڙا، ۽ هڪ نئون ڄاول ٻار به شامل آهن. ترجمان موجب، خان يونس ۾ سمور نالي هڪ ئي خاندان جا 13 ڀاتي شهيد ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔