نيويارڪ: آمريڪي انصاف جو کاتو گوگل کي مجبور ڪري رهيو آهي ته هو پنهنجو مشهور ڪروم برائوزر وڪڻي ته جيئن آن لائن سرچ مارڪيٽ ۾ پنهنجي اجارداري ختم ڪري سگهجي.ڪجهه مهينا اڳ، آمريڪي انصاف واري کاتي هڪ وفاقي عدالت ۾ تجويز پيش ڪئي ته گوگل کي پنهنجو ڪروم برائوزر وڪرو ڪرڻ گهرجي. ٽيڪنالاجي رپورٽن موجب آمريڪي انٽرنيٽ ڪمپني ياهو جي مالڪ گوگل جي ڪروم برائوزر کي خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. هڪ سينئر ايگزيڪيوٽو موجب، “جيڪڏهن گوگل کي وفاقي عدالت طرفان پنهنجو ڪروم ويب برائوزر وڪڻڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو، ته انٽرنيٽ ڪمپني ياهو جا مالڪ خريداري لاءِ بولي ڏيندا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ياهو سرچ جي جنرل مئنيجر برائن پرووسٽ ٻه ڏينهن اڳ واشنگٽن ۾ گوگل جي آزمائش دوران موقف اختيار ڪيو ته سندس ڪمپني جي اندازي مطابق برائوزر جي سيلز ويليو 10 بلين ڊالر کان وڌيڪ هوندي، اهو ويب تي سڀ کان اهم اسٽريٽجڪ پليئر آهي ۽ اسان ان کي اپولو گلوبل سان خريد ڪري سگهنداسين.