عالمي غيريقيني صورتحال جي وچ ۾ علائقائي واپارکي فروغ ڏيڻ گهرجي، محمد اورنگزيب

اسلام آباد : ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته عالمي غير يقيني صورتحال ۽ مختلف ملڪن تي ان جي اثرن جي تناظر ۾ علائقائي واپار کي فروغ ڏيڻ گهرجي.بين الاقوامي مالي فنڊ جي بحث کي خطاب ڪندي، ناڻي واري وزير چيو ته عالمي غير يقيني صورتحال ۽ مختلف ملڪن تي ان جي اثر جي تناظر ۾ علائقائي واپار کي فروغ ڏيڻ گهرجي.ٻئي طرف، ناڻي واري وزير واشنگٽن ۾ انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جي ايم ڊي مختار ڊيوپ ۽ سندس ٽيم سان ملاقات ڪئي، جتي کيس معاشي اشارن ۽ فچ ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري بابت آگاهه ڪيو ويو، ان کان علاوه هن آمريڪا جي انٽرنيشنل ڊولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن جي قائم مقام سي اي او سان ملاقات ڪئي، جڏهن ته وفاقي ناڻي واري وزير جي پي مورگن چيس جي اعليٰ انتظاميا سان پڻ ملاقات ڪئي،محمد اورنگزيب برطانوي وزير مملڪت بين الاقوامي ترقي بارونس چيپمين سان پڻ ملاقات ڪئي، جڏهن ته هن ايگزم بينڪ جي سينئر نمائندن سان ملاقات ڪري واپاري لاڳاپن ۽ سيڙپڪاري جي فروغ تي بحث ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔